چونڊ سنڌي ڪهاڻيون

چونڊ سنڌي ڪهاڻيون (ڪتاب: ٽي ڀاڱا): ساهتيه اڪادمي نئين دهليءَ پاران ’چونڊ سنڌي ڪهاڻيون‘ عنوان هيٺ ٽي ڀاڱا، مختلف سنڌي ليکڪن کان ترتيب ڏيارائي، ڇپرايا ويا هئا. پهريون ڀاڱو گوبند مالهي ۽ ريجهه سنگھاڻي تيار ڪيو هو. ٻيو ڀاڱو ڪرشن کٽواڻي، گني سامتاڻي ۽ هريش واسواڻي تيار ڪيو هو ۽ ٽيون ڀاڱو پريم پرڪاش جو ترتيب ڏنل آهي. پهريون ۽ ٻيو ڀاڱو ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل آهن، جن ۾ ترتيبوار 290 ۽ 306 صفحا آهن ۽ هرهڪ جي قيمت 3 ۽ 15 روپيا آهي، جڏهن ته ٽيون ڀاڱو ڊيمي سائيز ۾، 1993ع ۾ ڇپيو هو، جيڪو 248 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 10 روپيا آهي. هي ٽئي ڀاڱا سنڌي ادب ۾ اهم جڳهه والارين ٿا.


لفظ چونڊ سنڌي ڪهاڻيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو